نوشهروفيروز (رپورٽر) صحت کاتي نوشهروفيروز ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کان ڪاغذ ۽ انٽرويو ڊي ايچ او آفيس ۾ ورتاويا، تمام گھڻي رش ۽ بدنظمي سبب پوليس اھلڪارن اميدوارن کي لٺين سان ڪٽڪو ڏنو ۽ ڪيترن ئي اميدوارن کي ڌڪا پڻ ڏنا ويا. صحت کاتي ۾ خالي پيل 250 سئو جاين لاءِ ھزارين اميدوار پھتل ھئا پر صحت کاتي اميدوارن لاءِ ڪوبه بندوبست نه ڪيو. جنھن ڪري اميدوار کليل آسمان ھيٺ نٽھڻ اس ۾ تڙپندا رهيا. پيئڻ لاءِ پاڻي نه ھجڻ ڪري اميدوار پريشان رھيا.