نوشهروفيروز (رپورٽر) زراعت کاتي نوشهروفيروز جي ملازمن پاران سياسي سماجي ڌرين سان گڏجي ھدايت الله، منظور، عبدالخالق، ممتاز علي، علي گل، وزير، اعظم علي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري دانهيندي الزام هنيو ته ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسان کي پنھنجي آفيس ۾ گھرايو هو، ان وقت سندس آفيس ۾ يونين اڳواڻ به ويٺو ھو، جنھن چيو ته توھان ٻين ملازمن جيان ڏھ ،ڏهه ھزار مھينو ڏيو ۽ گھر ويٺي پگھارون وڃي کڻو، اسان ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جواب ڏيڻ تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ يونين اڳواڻ ملازمن تي مڇرجي پيا ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ جبري طور بدلي ڪيو ويو آھي، ھنن چيو ته زراعت کاتي ۾ اڪثر ويزا سسٽم تحت ملازم گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن. جن کان ماهوار پنج لک وصول ڪيا پيا وڃن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملازمن جون بدليون روڪي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي.