نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) خوراڪ کاتي ضلع نوشهروفيروز ۾ 27 ھزار ٻوريون خراب ڄاڻائي ڇڏيون آھن. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر نوشهروفيروز ليٽر ۾ ڄاڻايو آھي ته تيز برساتن سبب نوشهروفيروز، مورو، نورپور، ڪنڊيارو، درٻيلو، محرابپور، پڊعيدن ۽ ٻين گودامن ۾ پيل ڪڻڪ خراب ٿي وئي آھي. جيڪا انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار ٿي وئي آھي. ٻئي پاسي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته برساتن ۾ خوراڪ کاتي ڪڻڪ بچائڻ لاءِ انتظام نه ڪيا جنھن سبب ڪجھه گودامن تي ھڪ ھزار جي لڳ ڀڳ ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿيون آھن پر خوراڪ کاتي جي آفيسرن مختلف گودامن ۾ اڳ ئي کٽل ڪڻڪ ۾ فوڊ انسپيڪٽرن کي بچائڻ لاءِ 27 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ڄاڻايون آهن. ھوڏانھن خوراڪ کاتو ضلع ۾ 140 اٽي جي چڪين ۽ ٻن فلور ملن ڪڻڪ فراھم ڪري ٿو پر ان باوجود اٽي جو اگھ گھٽجي نه سگھيو آھي ۽ سرڪار پاران مقرر ڪيل اٽو 66 روپين ۾ ملڻ بجاءِ مارڪيٽ ۾ اٽو 110 روپيا وڪرو ٿي رھيو آھي جنھن سان عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي.