نوشهروفيروز (رپورٽر) صوبائي حڪومت پاران ضلعي ۾ برسات سبب متاثر ٿيندڙ ۽ بي گھر ٿيل  ماڻهن لاءِ ضلعي جي 5 ئي تعلقن ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي،  ابتدائي طور تي ھر ٽينٽ سٽي ۾ 50_50 خيما لڳايا ويا آهن. جتي خوراڪ پيئڻ جو صاف پاڻي، طبي سهولتن جي فراھمي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ ۽ ايمبولينس سروس ۽ واش روم جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان ڊي سي تاشفين عالم ٻڌايو ته ضرورت پوڻ تي خيمن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو. جڏهن ته تعلقي سطح کان علاوه ٻين شھرن ۽ ڳوٺن ۾ به ٽينٽ سٽي قائم ڪيا ويندا.