نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ ڪاليج روڊ تي گهر جو دڪو وڌائڻ تان آل روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي ضلعي صدر غلام مرتضيٰ مشوري ۽ عالماڻي برادري جي ماڻهن وچ ۾ مبينا جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون لڳڻ سبب غلام مرتضيٰ مشوري رتو رت ٿي ويو، جنھن کي سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو، زخمي جو چوڻ هو ته منھنجو ڪاليج روڊ تي گھر آھي، جتي عالماڻي برادري جي ماڻھن حاڪم علي، ذوالفقار علي پنھنجي گھر جو دڪو ٻاھر ڪڍيو، جنھن تي مون کين دڪو ھٽائڻ جو چيو ته هنن ٻاھران ماڻھو گھرائي منھنجي گھر تي حملو ڪيو ۽ لٺيون ھڻي زخمي ڪيو، هن چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ٻئي پاسي عالماڻي برادري پاران واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي حاڪم عالماڻي ٻڌايو ته مرتضيٰ مشوري جي پٽ اسان جي گھر ٻاھران فائرنگ ڪئي، جنھن جي گولين جا کول اسان وٽ موجود آھن، اھڙي دانھن ڏيڻ تان غلام مرتضيٰ مشوري پاڻ کي زخمي ڪري ڊراما ڪري رھيو آھي، ھن چيو ته هو روينيو يونين جي آڙ ۾ ڏاڍ مڙسي ڪري رھيو آھي، ھن چيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي.