نوشهروفيروز ۾ ڌرين ۾ ڇڪتان، نينگر قتل

0
234

نوشهروفيروز )ن پ ا) نوشهروفيروز ڀرسان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ نينگر قتل ٿي ويو.
ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ ٻئي مٿان بندوق جا منهن کوليا ويا، نتيجي ۾ 13 ورهين جو نادر سولنگي ٿڏي تي مارجي ويو.
ڌرين ۾ فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان رهيو، وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو.