نوشهروفيروز (رپورٽر) پ پ ايم پي اي مراد شاهه جي مبينا زيادتين خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي اڳواڻن سرور سنڌي، سلام سومرو، سني راڄپر، ستار عمراڻي، منير عالماڻي ۽ ٻين چيو ته پ پ ايم پي اي  مراد شاهه عوامي تحريڪ جي ڪارڪن لطيف ڀٽي خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته ٻن ٿاڻن تي ڌار ڌار ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته ڪوڙا ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي،