نوشهروفيروز (رپورٽر) مڪاني چونڊن بعد ڀريا ۾ پ پ ايم پي اي جي انتقامي ڪاررواين خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي، ان موقعي تي اڳواڻن سليم ڀنگر، حسين سومرو، فدا حسين، سلام سومرو، خالد تنيو ۽ ٻين چيو ته مڪاني چونڊن بعد ڀريا ۾ پ پ ايم پي اي مراد شاھ مخالفن خلاف انتقامي  ڪارروايون تيز ڪيون آھن، جنهن جو پ پ قيادت نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته عوامي تحريڪ جي اڳواڻ لطيف ڀٽي ۽ پٽ الاھي بخش مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنھن سبب اهي اڃا تائين جيل ۾ آھن ۽ سندن دڪان تي قبضو برقرار آھي، هنن مطالبو ڪيو ته عوامي تحريڪ اڳواڻن مٿان داخل ڪيس واپس ورتا وڃن ۽ دڪان تان قبضو ختم ڪرايو وڃي،