نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ مختلف يوسيز ابڙان، ٺٽ ڳوراهو، ڀرنڊ، وڳڻ ۽ ٻين جي ڳوٺن جي سوين برسات متاثر مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سڄي رات ڊي سي نوشهروفيروز جي آفيس اڳيان احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته ڪو به سرڪاري عملدار لڙي نه آيو، جنهن ڪري صبح ٿيندي ئي سوين ماڻهن باءِ پاس پهچي روڊ جي ٻنهي پاسن تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پوليس عملدارن پهچي ڳوٺاڻن کي منٿون ڪري روڊ کولرايو، جنهن کان پوءِ ٻيهر ڳوٺاڻن ڊي سي نوشهروفيروز جي آفيس وٽ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مير سولنگي، سڄڻ، حبيب الله، راڻو خان، آدم سولنگي، حليم سولنگي، گلفام خاصخيلي، راڻي، ڀاڳ ڀري ۽ ٻين چيو ته معصوم ٻارڙن سميت ويٺل آهيون پر ضلعي انتظاميا يا ڪو چونڊيل نمائندو لڙي ناهي آيو، هنن چيو ته هن وقت تائين اسان جي ڪنهن به قسم جي مدد ناهي ڪئي وئي، هنن چيو ته ڳوٺن اندر پاڻي بيٺل آهي، جنهن کي ڪڍرائڻ لاءِ انتظاميا ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي،