نوشهروفيروز (رپورٽر) گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز جي ھاسٽل ۾ ترسيل 20 کان وڌيڪ برسات متاثر خاندان پنھنجي ڳوٺن ڏانھن منتقل ٿي ويا آھن، جڏھن ته متاثرن ھاسٽل جي عمارت جو هليو بگاڙي ڇڏيو آهي، ڪاليج جي پرنسپل موجب ھاسٽل جا در دريون ٽٽل آھن، بجلي جو نظام درھم برھم ٿيل آھي، ھاسٽل مان پنکا، بلب، بورڊ غائب آھن، پارڪ ۾ چوپايو مال ٻڌڻ سبب اهو اجڙي تباهه ٿي ويو آھي، جڏهن ته ھاسٽل جو ڊرينيج نظام پڻ بند ٿي ويو آھي، پرنسپل موجب ڪاليج جي ھاسٽل جي حالت انتھائي خراب آھي، اسان تمام گھڻي محنت ۽ ڪوشش سان ڪاليج جي ھاسٽل کي بھترين ڪيو هو پر ھاڻي ھاسٽل جي حالت ڏسڻ جھڙي ناھي، ھن چيو ته متاثرن جو ڏوهه ناھي، هنن کي شين جي اھميت جي ڄاڻ نه ھئي، ھن چيو ته ڪاليج جي ھاسٽل جي ٻيھر مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن ان کي بحال ڪري سگھجي.