نوشهروفيروز (ن پ ا) پھريون نوشھروفيروز سپر ليگ گرانڊ فائينل نوشھروفيروز مارخور ۽ نوشھروفيروز ينگ فائيٽرس وچ ۾ کيڏيو ويو. نوشھروفيروز مارخور مقرر 25 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 274 رنز اسڪور ڪيو. بيٽسمين دلبر عالماڻي 160 رنز ۽ پير عارف 46 رنز ٺاهي نمايان رهيا. منصور ھڪڙو 3، اوڀايو 2 وڪيٽون ورتيون. نوشھروفيروز ينگ فائيٽرس 24 اوورن ۾ 254 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. جنھن ۾ ثناءُ الله شاهه 90 رنز، منصور ھڪڙو 64 رنز ٺاهي نمايان رهيا. جڏھن ته ذوھيب لاڙائي 3 وڪيٽون، نويد ڀٽي ۽ سھيل پنھور 2،2 وڪيٽون ورتيون. نوشهروفيروز مارخور 20 رنز تان مئچ کٽي ورتي. جڏھن ته دلبر عالماڻي کي مئن آف دي فائنل قرار ڏنو ويو.