نوشهروفيروز: ٻن ڄڻن جي قتل خلاف قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو

0
279
قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو

نوشهروفيروز ويجهو ٻن ڄڻن جي قتل خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته مقتولن جي وارثن انصاف جي گهر ڪئي آهي

مقتولن جي وارثن دانهيو ته بااثرن حملو ڪري ٻن نوجوانن کي قتل ڪيو، پوليس زاهد ۽ راحب ميمڻ جو قتل ڪيس داخل نٿي ڪري، جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن

وارثن موجب، جوابدار گرفتار ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو