نوشهروفيروز (رپورٽ: زاهد راڄپر) ابڙان ۾ قتل ٿيل زاھد ۽ راھب ميمڻ جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن ٻئي لاش باءِ پاس تي رکي قومي شاهراھ تي 9 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو، ان کان اڳ وارث احتجاج ڪرڻ لاءِ لاش ابڙان مان ڇڪڙي تي کڻي اچي رهيا هئا ته پوليس اھلڪارن کين روڪي ورتو ۽ عورتن ۽ مردن تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، جنھن دوران عورتون دانھون ڪنديون رھيون ۽ پوليس کي پٽون پاراتا ڏينديون رھيون، ڳوٺاڻا پوليس جون لٺيون کائيندي لاش کڻائي قومي شاهراهه تي کڻي پھتا، جتي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ ميمڻ برادري سميت مختلف برادرين جا ماڻھو به شريڪ ٿيا، احتجاج ڪندڙن ٽائرن کي باهيون ڏئي قومي شاهراهه بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڊي ايس پي نوشهروفيروز وارثن سان ڳالھيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وارثن ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، ان موقعي تي وارثن سھيل ميمڻ، صدام، فاروق، جاڙو خان، ڪانڊيرو ميمڻ ۽ ٻين چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ظالمن اسان جا ٻه ڄڻا بيگناهه قتل ڪيا آهن، پر پوليس معاملي جي خبر ھجڻ باوجود ڪجھه ناهي ڪيو، هنن چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته قتلن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالرحمان ڏنگراج ۽ شيعا علماءِ ڪائونسل اڳواڻ جميل الرحمان جتوئي ڌرڻي واري هنڌ پهچي شامل ماڻھن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو، ان موقعي تي وارثن ڳالھين جو اختيار جميل الرحمان جتوئي کي ڏنو، جنهن کانپوءِ ايس ايچ او نوشهروفيروز اڪبر کوکر ۽ ڌرين ۾ ڪامياب ڳالھيون ٿيون ۽ 9 ڪلاڪن بعد لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو، آخري اطلاعن موجب اڳوڻي يو سي ابڙان جي چيئرمين ظفر شاھ، ضلع ڪائونسل ميمبر لطف شاھ، مجاھد شاھ، ذوالفقار شاھ، راجا شاھ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي،