نوشهروفيروز (ن پ ا) ڳوٺ حاجي محمد خان  ۽ ڇلڻ راڄپر ۾  ايس ٽي پي پاران اچو ته سنڌ سنواريون عنوان ھيٺ عوامي کليل ڪچهري ڪرائي وئي جنهن ۾  مھمان خاص ايس ٽي پي اڳواڻ حبيب مشوري ۽ اقبال راڄپر پڻ شرڪت ڪئي اتان جي رهواسين کي بنيادي سھولتون نه ھجڻ ڪري شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا رھواسين جو چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺن ۾ نه اسڪول نه روڊ نه اسپتال نه ڊرينيج سسٽم آھي ڳوٺن ۾ فرش بندي توڙي جو سرن جا رستا به ناھن پراڻي دؤر ۾ ٺھيل اسڪولن جون ڇتيون ڊھي ويون ھاڻي ٻارڙا وڻن ھيٺان پڙھڻ لڳا ھوڏانھن حاجي خان ڳوٺ۾ اسڪول جي بلڊنگ آهي ته استاد ناھي رھواسي ڇلڻ ٻڌايو مان ڪافي دفعا ڊي او تعليم آفيس ويو آھيان استاد وٺڻ چيو پيو وڃي ته توهان جو اسڪول بند پيل آھي اھو ڪون کلندو ڳوٺ جا چاليهه شاگردڻ جي تعليم متاثر ٿي وئي آهي ھن دفعي امتحان به ڏئي سگھيا انھن ايس ٽي پي پليٽ فارم تان اعلا آفيسرن کان گھر ڪئي آھي ته خدارا اسان جي ڳوٺ کي استاد ڏنو وڃي ته جيئن اسان جا ٻارڙا تعليم حاصل ڪن ھتان جي چونڊيل نمائندن ڪڏهن به اسان جي ڳوٺن توڙي آسپاس علائقن جي ماڻهن سار ناهي لڌي ڪيترائي ڀيرا ايم اين اي ابرار شاهه ۽ ايم پي اي مراد علي شاهه کي چيو آهي بس ھان جي بک ناهي اسان جا برساتن ۾ گھر ڊھي پيا سروي ڪرڻ ھر دفعي نالا لکي وڃن پر ھن مھل تائين ڪجھ ناھي مليو اسان جي اعلي اختيارين کي اپيل آهي ته اسان جي ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل ڪرائي ڏين.