نوجوان جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او ۽ اهلڪار بري، مقتول جي امڙ جون دانهون

0
200

نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز جي عدالت مان فل فراءِ ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو ايس ايڇ او ۽ هڪ اهلڪار بري ٿي ويا

نوشهروفيروز جي عدالت فل فراءِ ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ هڪ  اهلڪار کي بري ڪري ڇڏيو، پوليس 2017 ۾  مبينا مقابلي ۾ شفيق سولنگي  کي فل فراءِ ڪيو هو

اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالله اعواڻ ۽ اهلڪار  موسيٰ سولنگي جي بري ٿيڻ تي شفيق سولنگي جي امڙ پاران عدالت ۾ دانهون ڪيون ويون

فل فراءِ ڪيل نوجوان شفيق سولنگي جي امڙ پاران دانھون ڪندي چيو ويو تھ پوليس پٽ کي گهران کنڀي رشوت نه ڏيڻ  تي قتل ڪيو هو، کين سزا ڏيڻ بدران آزاد ڪيو ويو آهي

نوجوان شفيق سولنگي جي امڙ موجب  مون سان ظلم ڪيو ويو آھي، عدالت ظالمن کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي، پوليس بيگناھ پٽ کي کنڀي رشوت نھ ڏيڻ تي قتل ڪيو ھو، انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس مقابلا، 2 نوجوان ڏوھاري ڄاڻائي ھاف فراءِ

شهدادپور پوليس قيد ڄاڻايل ناري کي هٿ ڪري ورتو، عدالت ۾ پيش