نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز جي دھشتگردي  جي خاتمي واري خاص عدالت ٽن قومپرست ڪارڪنن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، جج محمد بخش ڀنگوار جي عدالت پاران باعزت بري ڪيل قومپرست ڪارڪنن ۾ زاھد مري، مھر وسطڙو ۽ ثناءُ الله لاشاري شامل آھن، ڪيس ۾ سي ٽي ڊي پوليس سکر ڪارڪنن خلاف ثابتيون پيش نه ڪري سگھي، جنهن تي عدالت ٽنهي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، ڪارڪنن مٿان پڊعيدن ريلوي ٽريڪ متاثر ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل ھو.