نوشهروفيروز (رپورٽر) دھشتگردي جي انت واري نوشهروفيروز جي خاص عدالت جي ڊي اي ايم پي اي معظم عباسي جي قتل ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، عدالت ھڪ لک روپين جي مچلڪن عويض ضمانت منظور ڪئي، واضح رهي ته ڪچي جي علائقي ۾ ڪلھوڙا چانڊيا ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ قتل ٿيل چانڊيا برادري جو هڪ ماڻهو مارجي ويو هو، جنهن جو ڪيس معظم عباسي سميت ٻين تي داخل ڪيو ويو هو، معظم عباسي تي تڪرار دوران چرچ ڪري ماڻھو مارائڻ جو ڪيس داخل ھو.