نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) نوشهرو فيروز جي يونين ڪائونسل مولھڻ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري سوين باغ اجڙي تباهه ٿي ويا آھن ۽ باغن جون نرسريون سڙي وڃڻ ڪري سوين مزدور بيروزگار ۽ آبادگار ڪنگال بڻجي ويا آھن، نوشھروفيروز کان ٺاروشاھ ويندڙ لنڪ روڊ سان ٻنھي طرفن کان سوين ايڪڙن تي انبن جا باغ ھئا، باغن ۾ ھر قسم جي انبن جا وڻ ھئا، جيڪي سڙي تباهه ٿي ويا آهن، برساتن سبب اتر جي بااثر ماڻھن پاران پاڻي ھيٺائين طرف ڪڍڻ سبب پاڻي جو وڏو ذخيرو، يوسي مولھڻ ۽ يوسي کاھي ممن سميت نوشهروفيروز جي آس پاس وارن علائقن ۾ بيھجي ويو، جيڪو پنج مھينا گذرڻ باوجود به نيڪال ناھي ڪرايو ويو، هن وقت ڳوٺ جمن ڪلھوڙو، آچر مانڱڻو، حيات مانڱڻو، خدا بخش ڪلھوڙو، کاھي ممن، ڪنڍا کاھي ۽ لڙھي سميت 20 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن، جنهن ڪري انبن جا باغ تباهه ٿي ويا آهن، باغن جا وڻ سڪي وڃڻ ۽ نرسرين جا ٻوٽا سڙي وڃڻ ڪري مجبور ٿي آبادگار انهن کي ڪيرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف باغ تباهه ۽ نرسريون سڙي وڃڻ ڪري ھزارين ماڻھو بيروزگار ٿي ويا، چيو پيو وڃي ته انبن جي موسم ۾ ماڻھو ٻاھران اچي انبن لاءِ ڪاٺ جون پيتيون ٺاھيندا ھئا، جڏھن ته وڏي انگ ۾ ماڻھو انبن جي پٽائي سان گڏ ٻيو ڪم ڪار ڪري روزگار ڪندا هئا، جيڪي هاڻي ان روزي کان محروم ٿي ويا آهن، نرسرين وارا انبن سميت مختلف ميون جا ٻوٺا تيار ڪري وڪرو ڪندا ھئا، نرسريون مڪمل طور ختم ٿيڻ سبب اتي ڪم ڪندڙ پڻ بيروزگار ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ اسڪارپ کاتي جي انجنيئرن تي مشتمل پاڻي نيڪال ڪاميٽي پڻ ٺاھي وئي ھئي جنھن کي ڪروڙين روپيا ڏنا ويا ان به علا.ئقي مان پاڻي ناه ڪڍرايو، جنهن ڪري انبن جا باغ تباهه ٿي ويا.