نوشهروفيروز (رپورٽر) تعليم کاتي عملدارن جو انوکو ڪارنامو، ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ڊي اي او پرائمري جي آفيس مان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا اصل ڪاغذ گند ڪچري جي ديرن تي اڇلائي ڇڏي، ان ڏس ۾ ڪيترا ئي اميدوار سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ڏسي پنهنجا اصل ڪاغذ گند جي ڍير مان ڳولڻ لاءِ پهتا، وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اميدوار پنهنجا اصل ڪاغذ ڪچري جي ڍير مان ڪڍي صاف ڪري رھيا آھن، اميدوارن تعليم کاتي جي عملدارن جي اھڙي لاپرواهي تي سخت غصي جو اظهار ڪيو، هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته نااهل ڪامورن کي هٽائي سندن خلاف جاچ ڪاميٽي جوڙي وڃي.