نور مقدم ڪيس ۾ انصاف ٿيندو، عمران خان کي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مان ڪو خطرو ناهي:شيخ رشيد

0
204
اپوزيشن وارا مارچ جو شوق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ اقتدار جَي بُکين جِي جمع بازار ناڪام ٿي وئي، عمران خان کي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مان ڪو خطرو ناهي، ن ليگ جون مزاحمت ۽ مفاهمت واريون ٻئي پاليسيز ناڪام ٿي چڪيون آهن، شهباز شريف حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته در کليل آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته اڳ ئي چيو هو ته نواز ليگ ۽ شهباز ليگ 2 الڳ پارٽيز آهن، محرم الحرام ۾ امن امان برقرار رکيو ويندو، محرام الحرام بابت خميس تي اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آھي، افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا معاملي بابت جاچ مڪمل ڪئي وئي آھي، افغان جاچ ٽيم پاڪستان پهچي وئي آهي، افغان جاچ ٽيم کي پوليس جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، افغان ٽيم چاهي ته 11 ماڻهن جا انٽرويو ڪري سگهي ٿي، ھن چيو تھ افغان سرحد کان پناهگيرن جي ڪا به آمد ناهي ٿي، افغانستان مان اهي ئي ماڻهو واپس آيا، جن وٽ ڪاغذ آهن، شيخ رشيد چيو تھ نور مقدم قتل ڪيس ۾ انصاف ٿيندو، عدالت مک جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي، افغان سفير جِي ڌيءُ وارو واقعو ڪليئر آهي، افغان ٽيم آئي ته پوليس کين آگاهه ڪندي.