نور مقدم ڪيس: ظاھر جعفر جي پولي گرافڪ ٽيسٽ مڪمل، جوابدار بھانا ڪندو رھيو

0
311
ناري نور مقدم جو قتل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نور مقدم ڪيس جي جوابدار ظاھر جعفر جي پولي گرافڪ ٽيسٽ مڪمل ٿي وئي آھي، اسلام آباد پوليس جوابدار ظاھر جعفر کي کڻي لاھور پھتي، جتي فرانزڪ ليبارٽري ۾ رھائش گاھ مان کنيل فُٽيج جو فرانزڪ تجزيو ڪيو ويو ۽ ماھرن جوابدار جي پولي گرافڪ ٽيسٽ بھ ڪئي، ذريعن جو چوڻ آھي تھ ٽيسٽ ۾ ظاھر جعفر کان 20 سوالن جا جواب ورتا ويا ۽ ان ٽيسٽ کان اڳ جوابدار بيھوش ٿيڻ جي ايڪٽنگ ڪئي ۽ مختلف بھانا ڪيا.