نور مقدم قتل ڪيس ۾ اهم انڪشاف، ڊرائيور جي بيان ڪيس جو رخ ئي موڙي ڇڏيو

0
942
ناري نور مقدم جو قتل

ڪراچي(م ڊ) نور مقدم قتل ڪيس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار ظاهر جعفر جي گهر کان نور مقدم پنهنجي ڊرائيور کي فون ڪري والدين ٻڌائڻ بنا 7 لک روپين جو فوري انتظام ڪرڻ جو چيو هو، نور مقدم 18 تاريخ تي آچر جي رات سوا 9 وڳي پنهنجي گهر کان نڪتي ۽ لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ پوڻي 01 وڳي ظاهر جي گهر پهچي وئي هئي، جڏهن ته نور 19 جولاءِ تي سومر جي صبح 950 تي پنهنجي ڊرائيور خليل کي فون ڪيو جنهن بعد هن جو ڪيترائي ڀيرا ڊرائيور سان رابطو ٿيو، نور مقدم جي ڊرائيور هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته نور مقدم هن کي فون ڪري چيو ته کيس فوري طور تي 7 لک روپيا گهرجن جنهن جو والدين کي خبر نه پوي..
ڊرائيور موجب هن نور مقدم کي چيو ته 7 لک جو انتظام نٿو ڪري سگهان، جنهن تي نور مقدم چيو ته پيسا ضرور کپن، ڪنهن دوست کان يا ڪنهن ٻئي کان انتظام ڪري ڏي، ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هن 3 لک روپين جو انتظام ڪيو ۽ 19 جولاءِ تي سومر جي ڏينهن منجهجد جي وقت نور مقدم طرفان ڏنل پتي تي هو ظاهر جعفر جي گهر پهتو، نور مقدم کي فون ڪيو ته هن چيو مان ٻاهر نٿي اچي سگهان، پيسا نوڪر جي حوالي ڪري ڇڏ، جنهن بعد ڊرائيو 3 لک روپيا نوڪر کي ڏئي ڇڏيا، ڊرائيور جي موجب هن پوليس جي سامهون جوابدار جعفر ظاهر جي نوڪر جي سڃاڻپ ڪئي آهي، جڏهن ته ڊرائيور هي به انڪشاف ڪيو ته نور مقدم هن کي پهريون ڀيرو فون ڪيو ۽ چيو ته والدين کي ٻڌائي ته مان لاهور وڃي رهي آهيان، ڊرائيور جڏهن والدين کي لاهور بابت ٻڌائڻ گهر جي اندر ويو ته نور مقدم جي والده نور مقدم جي والد سان ان ئي مامري ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته سڀاڻي عيد جو ڏينهن آهي ۽ نور لاهور ڇو وڃي رهي آهي. ڊرائيور موجب هو سمجهي ويو ته نور مقدم پنهنجي والدين کي فون ڪري ڇڏيو، ان جي ڪري هو ڪجهه ٻڌائڻ بنا ئي واپس هليو ويو، جاچ ڪندڙ ٽيم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نور جو پنهنجي والده سان رابطو هو ۽ نور پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن يعني 20 جولاءِ اڱاري ڏينهن تي صبح 10 وڳي پنهنجي ماءُ فون تي ڳالهه ٻولهه به ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ظاهر جعفر نور مقدم کي يرغمال بڻائي ڀنگ وٺي رهيو هو؟، ڇا جوابدار نور مقدم کان هٿيار جي زور تي فون ڪرائي رهيو هو؟، هن مامري جي هر رخ کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.