اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ جوابدار ظاهر جعفر جي اپيل رد ڪندي موت جي سزا جو حڪم برقرار رکيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار ظاهر جعفر جي سزا جو حڪم برقرار رکيو. عدالت ٻن شريڪ جوابدارن جون سزا خلاف اپيلون به رد ڪري ڇڏيون ۽ سيشن عدالت جو فيصلو برقرار رکيو. چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي جوابدار ظاهر جعفر کي ريپ جي ڪيس ۾ به موت جي سزا جو حڪم ڏنو. سيشن عدالت نور مقدم جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ظاهر جعفر کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته ٻن شريڪ جوابدارن ملازمن جان محمد ۽ افتخار کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ظاهر جعفر جي والدين سميت ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو هو. نور مقدم سان ريپ ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي ظاهر جعفر تي 25 سال پورهئي سان گڏ قيد ۽ ٻه لک رپيا ڏنڊ به لڳو هو. ظاهر جعفر کي نور مقدم جي اغوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي به 10 سال قيد ٻڌايو ويو آهي، نور مقدم کي قيد ۾ رکڻ تي جوابدار ظاهر جعفر کي هڪ سال قيد جي سزا ڌار به ٻڌائي وئي هئي، جوابدارن سزا خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون هيون. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل ڊويزن بئنچ 21 ڊسمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. نور مقدم جي پيءَ شوڪت مقدم ان حوالي سان چيو ته اسان فيصلي مان مطمئن آهيون، قانون جي فتح ٿي آهي، ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي.