نوري آباد (ن پ ا) دادا ڀائي ويجهو يوسي موندر خان ۾ ڳوٺ گلاب خان پالاري ۽ ٻين علائقن ۾ ڇتن ۽ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. ھفتواڳ نينگر کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، 8 ورهين جي نينگر فيصل پٽ گل محمدپالاري کي ڏاڙھي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، نينگر جي وارثن مختلف اسپتالن جا چڪرڪاٽيا، سري پ پ ايڇ آءِ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو پر اُتي کين ويڪسين نه ملي سگهي، جنھن کان پوءِ وارث ڪراچي کڻائي ويا. هڪ مهيني اندرڇتن ڪتن جي ڏاڙھن جو انگ وڌي 12ٿي ويو هوڏانهن ضلعي انتظاميه توڙي يوسي انتظاميه پاران ڪتامار مهم به نه هلائي سگهي آهي. ڳوٺاڻن يارو پالاري خدا بخش وڪيجو ذاڪر سنڌي ڪامريڊ خميسو پالاري۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ گورنمينٽ توڙي ضلعي انتظاميه کي گهرجي ته رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌڻ سبب خوف واري صورتحال آھي.سري پي پي ايچ آءِ سينٽر ڪلو کوھر بيسڪ ھيلٿ سينٽر ۾ ويئڪسين پوري ڪري ڏني وڃي ته جيئن مريضن کي ڇتن ڪتن جي ڏاڙھڻ واري ويڪسئن ملي سگهي