نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ڀرسان مسافر وين سان حادثي جي نتيجي ۾نينگريءَ سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته  15 مسافر زخمي ٿي پيا. موٽر وي تي دادا ڀائي ويجھو ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اڳيان هلندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ 5 ورھين جي نينگري عاليه ولد عزيز ۽ آصف شيخ ولد علي گل ٿڏي تي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويا. حادثي ۾ عورتن ٻارڙن سميت 15 مسافر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.  زخمين ۾   مسمات عاصمه، فضيلا، ناھيد، ناياب،اقصا، حماد ۽ ٻيا شامل آھن. فوتين جا مڙھ نوري آباد ٿاڻي تي آندا ويا آھن. نوري آباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مسافر وين جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو..