نوري آباد: پسند پرڻو ڪندڙ ناري مڙس هٿان قتل، ڪيس داخل

0
545

نوري آباد: پسند پرڻو ڪندڙ ناري مڙس هٿان قتل، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ماجده عباسي جي مڙس زاهد سولنگي پاران قتل جو اعتراف ڪيو ويو ھو

شاگردياڻي جو قتل ڪيس سندس والد سڪندر عباسي  جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، ناري جو لاش 26 سيپٽمبر تي ڳوٺ غلام جاکرو وٽان هٿ ڪيو ويو ھو

شاگردياڻي ماجده عباسي جي مڙس زاھد سولنگي ڪالھ پوليس وٽ پيش ٿي اعتراف ڪيو ھو تھ ماجده عباسي سان 2 سال اڳ پسند جي شادي ڪئي ھئي، ڪجھ وقت بعد  ماجده عباسي پنھنجي مائٽن وٽ وئي ۽ طلاق جو چيو

جوابدار چيو ھو تھ مون ٺاھ ڪري گھرواري کي ڪراچي گھمائڻ بھاني وٺي ڳوٺ غلام جاکرو وٽ پٿر ھڻي قتل ڪيو ھو

ھي به پڙھندا

ڄامشورو: 2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي مبينا طور پٿر ھڻي قتل