نوري آباد (ن پ ا) ايم نائن موٽروي روڊ تي ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ ڪپه سان ڀريل ٽرالر کي نوري آباد ٿاڻي جي حد لڳ ڪاٺ پالاري اسٽاپ وٽ باهه وڪوڙي وئي. ڪپھ جي ڳٺڙين سان ڀريل ٽرالر کي اوچتو باه وڪوڙي وڃڻ سبب ٽرالر ۾ پيل لکين روپين جي ماليت جي ڪپھ جون ڳٺڙيون سڙي رک ٿي ويون. باه جي اطلاع تي نوري آباد موٽروي پوليس ۽ فائر برگيڊ جي گاڏي پهچي باه تي ڪنٽرول ڪيو ھوڏانهن نوري آباد پوليس پاران ٽرالر کي باه لڳڻ واري واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو پوليس جو چوڻ ته واقعي جي جاچ هلندڙ آھي.