نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجھو ڪار جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو . ان ڏس ۾ نوري آباد ويجھو موٽروي روڊ تي خراب بيٺل ٽرڪ جو ڊرائيور محمد آصف پنجابي روڊ ڀرسان بيٺل ھو ته تيز رفتار ڪار جي زوردار ٽڪر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو . فوتي پنجاب جي علائقي شيخوپوره جو رھواسي ھو، حادثي جي اطلاع تي نوري آباد پوليس پھچي لاش نوري آباد ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. نوري آباد پوليس ڪار ڊرائيور سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏي ڪو ڪيس داخل نه ٿيو.