خيرپورناٿن شاهه / نوري آباد( رپورٽ: ارشاد کوسو ۽ عالم پالاري) نوري آباد ڪوچ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 19 ڄڻن جو ٽيجھو خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ملهايو ويو. فوتين 17 ورهين ذليخان ،16 ورهين مريم، 14 ورهين ريشمان، 13 ورهين سسئي، 10 ورهين ثانيه، 8 ورهين سويرا، 6 ورهين افسانه، 8 مهينن جي حسنين، 15 ورهين جي صنم، 60 ورهين جي رحيمان، 14 ورهين رخسانه، 12 ورهين انيلا، امبرين، خانيه، سومن، 7 ورهين جي مسرور، 8 ورهين جي اقرا مغيري جو ٽيجهو ڳوٺ دوست محمد مغيري ۾ ٿيو، ٽيجهي ۾ حافظ سيد غلام محمد شاه اجتماعي دعا گهري، جڏهن ته فوتين جي پوئيرن رئيس قربان خان مغيري ، رئيس لياقت خان مغيري ،علي اصغر مغيري ، ايڊوڪيٽ ظفر علي مغيري ، امداد علي مغيري سان ام رباب چانڊيو ، اڳوڻو صوبائي وزير پ پ جو سينئر اڳواڻ پير مظهر الحق ، سردار بجار خان مغيري ، مير اڪبر خان ، پ پ اڳواڻ علي محمد سومرو ۽ ٻين تعزيت ڪئي. هوڏانهن شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت اصل ڌرتي ڌڻين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. هيڏي وڏي سانحي ۾ 19 شهيد ٿيا پر انهن شهيدن جي تڏي تي وڏو وزير توڙي صوبائي وزير ناهن پهتا. ان جاء تي سنڌين کان علاوه ٻي ڪنهن سان ايڏو سانحو پيش اچي ها ته پهرين ڏينهن تي وڏي وزير سان گڏي پوري ڪابينا ۽ وفاقي وزير پهچي وڃن ها ۽ ڪروڙ ڪروڙ جو اعلان به ٿي وڃي ها، حڪمران خيرپورناٿن شاهه کي ٻڏڻ کان ته نه بچائي سگهيا پر ڇا شهيدن جي تڏي تي نٿا اچي سگهن؟ هنن مطالبو ته ڪوچ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ هڪ هڪ فوتي جي وارثن کي هڪ هڪ ڪروڙ روپيا ۽ زخمين کي 50 ،50 لک روپيا ادا ڪيا وڃن ۽ خيرپورناٿن شاه شهر سميت سمورين يونين ڪائونسلن جي ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪري تباه ٿيل گهرن فصلن جو معاضو متاثرنين کي ادا ڪري هر ڳوٺ ۾ راشن دوائون خيما فوري طور تي پهچايا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو. ٻئي پاسي سانحي بعد گرفتار ٿيل ڊرائيور عمران شيخ کي نوري آباد پوليس سول ڪورٽ ٿاڻوبولاخان ۾ پيش ڪيو، جنھن سول جج آڏو بيان ڏيندي ڇڏيو  آهي تہ گاڏي جي انجڻ ۾ باھ لڳي وئي، مونکي شيشي مان خبر پئي گاڏي کي روڪي دروازو کوليو، گاڏي جي فرج مان پاڻي ڪڍيو ۽ باھ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. باھ وسائڻ وارو سلينڊرز به استعمال ڪيو پر باھ زور وٺي وئي. فرج ۾ پاڻي به ختم ٿي ويو بس جي مسافرن شيشہ ٽوڙڻ شروع ڪيا. مسافرن جي شيشي ٽوڙڻ سبب باھ اندر لڳڻ شروع ٿي، ڪجھه مسافر ننڍ پيل ھئا. نڪرڻ کان پھرين گاڏي چيڪ ڪئي، هن چيو ته  گاڏي ڇڏي ويو نه ھوس موٽر وي وارن وٽ ويو، ھوس باھ لڳڻ شرط مالڪ ۽ موٽر وي پوليس وارن کي اطلاع ڪيو هو.