ڀان سيدآباد ( ن پ ا) ليڊي ٽيچر نورعين مهر ڪيس ۾ گرفتار سندس ڀاءُ محسن مهر تي پوليس جي مبينا تشدد خلاف مهر برادري ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن عبدالحميد مهر، يامين مهر، شوڪت مري، منظور مينگل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو هو ته نورعين ڪيس ۾ سندس ڀاءُ محسن مهر کي گرفتار ڪري مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آهي، پوليس منصور سومرو جي ونگار پئي وهي، ڪوبه پنهنجي ڀيڻ کي ڪيئن ٿو ماري سگهي.؟ عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، هنن چيو ته سي آءِ اي ڄامشورو پوليس محسن مهر کي 4 ڏينهن مسلسل ٽارچر ڪري زبردستي ڏوهه باسرايو آهي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي