ڀان سيدآباد: نورعين فاطمه مهر جي چاچي عبدالحميد مهر ڳالهائيندي چيو آهي ته نورعين به وئي،انصاف ملڻ بجاءِ رهندو ئي پوليس اسان کي حراسان پئي ڪري، نورعين جا اصل وارث اسان آهيون جيڪي پوليس تشدد جو شڪار بڻيل آهيون، ۽ بليڪ ميلر منصور سومرو آزاد آهي، منصور سومري نورعين کي هراسان ڪري آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪيو، مسلسل دانهون پيا ڪريون ته منصور سومرو کي گرفتار ڪري کيس جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.