ڀان سيدآباد/سيوهڻ: نورعين مهر ڪيس ۾ گرفتار سندس ڀاءُ محسن مهر تي پوليس پاران تشدد ڪرڻ جي تصديق ٿي وئي، سيوهڻ جي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جمن ميمڻ جي صحيح سان جاري ٿيل ميڊيڪل رپورٽ مطابق محسن مهر جي جسم جي مختلف حصن تي تشدد جا نشان موجود آهن، محسن مهر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ٿيڻ بعد تصديق ٿي آهي ته محسن مهر تي تشدد ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سيمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي ٻڌايو ته جوابدارن تي تشدد ڪيو ويو آھي پر  معمولي قسم جو تشدد آھي ان ڪري جسم تان گھڻا زخم ناھن مليا.