درگاپور (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت جي درگاپور شهر جي گوپال مٺ برادوان ۾ هڪ نوجوان 10 سيٽن واري چارجنگ موٽرسائيڪل ٺاهي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان گهوٽ 10 سوارين کي گڏ ويهارڻ لاءِ نئين ٽيڪنالوجي سان گڏ اليڪٽرڪ موٽر بائيڪ ٺاهي آهي، چار ويلن واريون گاڏيون به ان موٽرسائيڪل اڳيان پوئتي رهجي وڃن ٿيو. ڀارتي ميڊيا موجب اهڙي موٽرسائيڪل هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ سان سئو ڪلو ميٽر هلندي، ان لاءِ صرف 8 رپيا خرچ ٿيندو. رپورٽ موجب نوجوان ٻڌايو ته ان اليڪٽر بائيڪ کي 10 ماڻهو صرف 22 ڏينهن ۾ ٺاهيو آهي، بائيڪ ٺاهڻ جي لاءِ پراڻن ڦيٿن ۽ پرزن کي استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ان تي 15 هزار رپيا خرچ آيو. نوجوان جو چوڻ اهي ته مان پهريان به اهڙي موٽرسائيڪل ٺاهي هئي، پر پوليس ان موٽرسائيڪل تي پابندي لاڳو ڪئي هئي، پر هاڻي مان جيڪا موٽرسائيڪل ٺاهي آهي اها بيٽري تي هلڻ واري آهي.