هنوئي (دلچسپ نيوز) ويٽنام ۾ 22 ساله نوجوان 24 ڪلاڪن تائين سوئي سان پنهنجو جسم ڇلرائڻ کان پوءِ پنهنجي مڱيندي جو رنگين ٽيٽو ٺهرائي ورتو.مرد ماڻهو پنهنجي مڱيندي سان محبت جي اظهار لاءِ تحفن ۽ گلن جا ڍير لڳائي ڇڏيندا آهن پر ويٽنام جي هڪ نوجوان پنهنجي مڱيندي جي تصوير پٺيءَ تي ٺهرائي ڇڏي جنهن تي کيس 24 ڪلاڪن تائين سوئي جي تڪليف برداشت ڪرڻي پئي.22 ساله ٽرونگ وين ليم پنهنجي مڱيندي جو رنگين ٽيٽو ٺهرايو جنهن کي پورو ٿيڻ ۾ 3 مرحلن دوران 24 ڪلاڪ لڳا. پهريون مرحلو گذريل سال نومبر ۾ مڪمل ٿيو جنهن ۾ 8 ڪلاڪ لڳا هئا ان کان پوءِ وڌيڪ 2 مرحلن ۾ هن تصوير کي مڪمل ڪيو ويو جنهن ۾ 9 ۽ 6 ڪلاڪ لڳا جنهن کان پوءِ ان جي 20 ساله مڱيندي جو ٽيٽو مڪمل ٿي ويو جيڪو ساڳيو سندس تصوير جهڙو آهي.پنهنجي مستقبل جي جيون ساٿي جي پٺيءَ تي پنهنجي تصوير ڏسي پهريان ته لونگ ڪاتران حيران ٿي ۽ ان کان پوءِ خوشي جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ نوجوان پنهنجي سيني تي پنهنجي مڱيندي جو نالو ۽ تاريخ پيدائش جو ٽيٽو ٺهرائي چڪو آهي ان کان علاوه هو پنهنجي ۽ پنهنجي محبوب جي نالي وارا 2 تاج جهڙا ٽيٽو به ٻانهن تي ٺهرائي چڪو آهي.