نوجوان جو بلوچستان کان خنجراب تائين سائيڪل تي سفر مڪمل

0
491

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) هنزه سان واسطو رکندڙ نوجوان عابد بيگ بلوچستان کان خنجراب تائين سائيڪل تي سفر مڪمل ڪري ورتو آهي. هنزه ماٿري جي نوجوان سائيڪلسٽ عابد بيگ 3 هزار ڪلو ميٽر جو فاصلو 12 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو. سندس چوڻ آهي ته ملڪ جي بهتر اميج کي اجاگر ڪرڻ ۽ سائيڪلن کي پروموٽ ڪرڻ مقصد آهي، سمنڊ جي 40 ڊگري سينٽري گريڊ کان 16 هزار فٽ جي اوچائي جي ڪاٽو 15 ڊگري تائين جو انوکو سفر هو. نوجوان سائيڪلسٽ عابد بيگ جو اباڻو علائقو هنزه آهي، جتي سندس شاندار آجيان به ڪئي وئي.