حيدرآباد/نيو سعيد آباد: نيو سعيد آباد ۾ تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان غلام دستگير عرف پپو ميمڻ جي وارثن عزيز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته مندر پاڙي ۾ راجپوت ڌر جي ماڻھن ذهني معذور نوجوان پپو ميمڻ تي وحشياڻو تشدد ڪري کيس پوليس حوالي ڪيو جنھن کي بعد ۾ ٿاڻي تي پوليس اهلڪارن به مبينا تشدد ڪري مرڻينگ حالت ۾ گهٽي ٻاهران ڦٽو ڪيو. نوجوان کي ابتدائي طور تعلقا اسپتال مان طبي امداد بعد نازڪ حالت ۾ سول اسپتال  حيدرآباد منتقل ڪيو جتي هو صبح جو فوت ٿي ويو آهي. هنن چيو ته نوجوان کي بيگناهه تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. واقعي جي جاچ ڪري ملوث بااثر ماڻهن ۽ پوليس عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. مظاهرين ٻڌايو ته پوليس واقعي جو ڪيس سندن فرياد تي داخل ڪرڻ بدران سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو آهي ته جيئن بااثر ۽ واقعي ۾ ملوث پوليس عملي کي بچائي سگهن. وارثن خدشو ظاهر ڪيو ته بااثر ماڻهن کي پوليس بچائڻ لاءِ سرگرم بڻجي وئي آهي پر اهو عمل کين ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ واقعي جو ڪيس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. وارثن جي احتجاج بعد ڪينٽ پوليس پهچي ڳالهيون ڪري سندن احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو جنهن بعد مظاهرين لاش سميت ڊي آءِ جي آفيس احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ بعد واپس سعيد آباد روانا ٿي ويا هئا.