نوجوانن کي نوڪري جي عمر ۾ رعايت ملڻ گهرجي

0
327
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو سڀ کان آسان، مانائتو ۽ بهترين طريقو، جيڪو سڄي دنيا ۾ رائج آهي اهو آهي ڪميشن پاس ڪري آفيسر بڻجي پنهنجي قوم جي خدمت ڪرڻ آهي. ان سان نه رڳو مانائتو روزگار ملندو آهي پر اهليت ۽ محنت کي مان ملڻ ڪري انسان ۾ وڌيڪ سچائي ۽ لڳن سان ڪم ڪرڻ جو جذبو پڻ پيدا ٿيندو آهي. پر بدقسمتي سان اسان وٽ به نوڪري حاصل ڪرڻ جو عام طريقو ڪميشن ئي آهي پر هي ڪميشن اها ناهي جنهن کي چٽاڀيٽي چيو وڃي ٿو پر هي ڪميشن آهي پئسن جي چمڪ واري. سنڌ ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري نوڪريون وٺڻ وارو سلسلو به ڪافي سالن کان بند پيل آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ سروس ڪميشن تي ڪيئي اعتراض لڳائي پهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ پابندي لڳائي ۽ اداري کي ئي تالا لڳايا ويا ۽ پوءِ ان جي اپيل جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ وئي ته اتي به ان جو ڪو تڪڙو فيصلو نه ٿي سگهيو ۽ ڪيترائي مهينا هي معاملو لٽڪيل رهيو. پر ڪالهه سروس ڪميشن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ مان سٺي خبر آئي آهي ته عدالت سروس ڪميشن کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. رپورٽ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت اپيلن تي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڳوڻي چيئرمين ۽ آفيسرز جون اپيلون اڪلائيندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏني ۽ ريمارڪس ڏنا ته پبلڪ سروس ڪميشن جو نئون قانون ٺهڻ بعد اپيلون اثر انداز نه ٿيون ٿي سگهن، ڪميشن پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي ٿي. هاڻ جيئن ته عدالت به اجازت ڏني آهي ۽ سنڌ حڪومت به ڪيترائي قانون پاس ڪري چڪي آهي ان ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته هاڻ سروس ڪميشن پنهنجو ڪم درست طريقي سان ڪندي ۽ ڪنهن به باصلاحيت نوجوان سان زيادتي ٿيڻ نه ڏني ويندي ۽ نوجوان به سخت محنت ڪري نوڪريون حاصل ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي مدد ڪندا رهندا.

سروس ڪميشن جي حوالي سان ٻيو به هڪ مسئلو آهي جنهن جو حل رڳو سنڌ حڪومت وٽ آهي اهو آهي جنهن عرصي دوران سروس ڪميشن بند رهي آهي ان دور ۾ جن نوجوانن جي عمر نوڪري جي حد کان چڙهي وئي آهي انهن کي رعايت فراهم ڪرڻ جي. ان باري ۾ اسان وٽ اطلاع آهن ته سروسز کاتي پاران سرڪاري نوڪرين لاءِ اميدوارن جي عمر جي حد وڌائڻ  بابت وڏي وزير کي اماڻيل سمري اڃا لٽڪيل آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين به گڏيل چٽاڀيٽي وارن امتحانن ۾ اميدوارن کي عمر ۾“ڪجهه سال” رعايت ڏيڻ واري سفارشي سمري سنڌ حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، ڪجهه مهينا اڳ سروسز کاتي ن سنڌ جي وڏي وزير کي سمري اماڻي 28 سالن کان وڌيڪ عمر وارن اميدوارن کي  سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر ۾ 15 سالن جي رعايت ڏيڻ جي سفارش ڪئي هئي، پر وزيرعليٰ اها سمري اڃا منظور ناهي ڪئي، جنهن ڪري لکين اميدوار ٻُڏتر جو شڪار آهن. ايترو عرصو گذرڻ باوجود منظوري نه ملڻ بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين به سنڌ سرڪار ڏانهن خط لکي اها سفارش ڪئي آهي ته گڏيل چٽاڀيٽي جي امتحانن ۾ ويهندڙ 28 سال کان وڌيڪ عمر وارن اميدوارن کي عمر ۾ “ڪجهه رعايت” ڏني وڃي. ڪميشن اختيارين پنهنجي سمري ۾ عمر ۾ واڌ لاءِ ڪا حد ناهي لکي. آخري ڀيرو ٿيل گڏيل چٽاڀيٽي جي امتحان  ۾ سنڌ حڪومت اميدوارن کي  ٻن سالن جي رعايت ڏني هئي. جنهن بعد 28 بجاءِ 30 سالن جي اميدوارن کان گڏيل چٽاڀيٽي جو امتحان ورتو ويو هو. اسان سمجهون ٿا ته سرڪاري نوڪري لاءِ امتحان ڏيڻ ۽ نوڪري جي تمنا ڪرڻ هر ان نوجوان جو حق آهي جيڪو اهل آهي. ان ڪري جيڪڏهن سروس ڪميشن جي بندش واري عدالتي فيصلي جي ڪري ڪنهن نوجوان جي عمر وڌي وئي آهي ته ان ۾ ان اميدوار جو ڪو به ڏوهه نه آهي ان ڪري ان کي رعايت ملڻ گهرجي ته جيئن هو نه رڳو پاڻ روزگار حاصل ڪري پر سندس صلاحيتن مان عوام کي به فائدو ملي ۽ هو سنڌ ۽ ملڪ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿي سگهي.