اسلام آباد: حڪومت وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت ننڍي ۽ وچولي درجي جا قرض جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ بنا وياج جي قرض ڏيڻ لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ٻاهران ڀاڻ گھرائڻ تي سبسڊي لاءِ به 6 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته پيداواري صلاحيت ۾ واڌاري لاءِ ننڍن هارين کي گهٽ وياج تي صوبائي حڪومتن جي ڀائيواري سان قرض فراهم ڪيا ويندا، جنهن لاءِ 10 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي.