ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته راندين جون سرگرميون رواداري کي هٿي وٺرائين ٿيون ۽ ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻين ٿيون ٻي صورت ۾ عدم برداشت اسان جي سماج کي ڳڙڪائي رهيو آهي. گذريل ڏينهن سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران اين اي ڊي يونيورسٽي گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ميچ جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته مهذب معاشرن عدم برداشت جي جبلت کي ڇڏي ڏنو آهي ڇوته اهي اهڙن روين کي پسند نه ٿا ڪن ۽ اهي منطق ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي هڪٻئي کي قائل ڪندا آهن پر بدقسمتيءَ سان اسان جي نوجوانن ڪتاب پڙهڻ، راندين ۽ صحتمند سرگرمين سميت تقريري مقابلن ۽ اسٽڊي سرڪلز جي عادت ڇڏي ڏني آهي ۽ وڌيڪ چيو ته هو اعليٰ تعليم پاران منعقد ڪرايل ڪرڪيٽ ميچ ۾ نوجوانن کي راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺندي ڏسي خوش ٿيو آهي. وڏي وزير ملڪ جي نوجوانن تي زور ڀريو ته هو سوشل ميڊيا کي تعليم، صلاحيت وڌائڻ، روزگار ۽ دنيا جي ٻين ملڪن سان رابطي لاءِ ٽول طور استعمال ڪن. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جا نوجوان سوشل ميڊيا مان فائدو نه وٺي رهيا آهن. شاگردن جي تربيت لاءِ راندين ۽ پريڊ ڪوچز کي مقرر ڪن ۽ اهي سرگرميون تعليمي سرگرمين سان گڏ ڪرايون وڃن.