ڪراچي (اسپورٽس نيوز) هڪ نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ شاهد آفريدي مڊل آرڊر پرفارمنس جي حوالي سان ڳالهائيندي فخر زمان جي تعريف ڪئي. هن چيو ته فخر زمان جي واپسي سان بابراعظم ۽ مينجمينٽ جو شان مسعود ۽ آصف علي جي مقابلي ۾ فخر تي اعتماد وڌيڪ هوندو. مونکي نٿو لڳي ته فخر هڪ اهڙو رانديگر آهي جنهن کي ويهاريو وڃي پر اها به هڪ حقيقت آهي ته بابر ۽ رضوان جيان پاڪستان جي ڪنهن به رانديگر ۾ مستقل مزاجي نه آهي. آفريدي چيو ته فخر زمان جيڪڏهن فٽ آهي ته هن کي اوپنر طور تي موڪلي سگهجي ٿو، جيڪڏهن اوپنر نه به موڪليو وڃي ته ٽئين نمبر تي موڪلي سگهجي ٿو، فخر لاءِ شان مسعود ۽ آصف علي ۾ ڪنهن هڪ کي ويهاري سگهجي ٿو. شاهد آفريدي چيو ته جڏهن مينجمينٽ نون رانديگرن کي چانس ڏيندي آهي ۽ اهي پرفارم نه ڪندا آهن ته پراڻا رانديگر ياد ايندا آهن جيئن اڄ به ماڻهن کي شعيب ملڪ ياد ايندو آهي ۽ اسان کي شعيب ملڪ ئي سٺو لڳي رهيو آهي، هاڻي فخر ماڻهن کي ياد اچي رهيو آهي. منهنجي لاءِ به ماڻهو اهو چوندا آهن ته مان فٽ آهيان ۽ کيڏي سگهان ٿو پر مان هنن کي روڪي ڇڏيندو آهيان.