نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد بينظير آباد جو ڊويزنل صدر، سابق صوبائي وزير قانون ۽  ضياء الحسن لنجار نوان جتوئي پهچي پاڪستان پيپلز پارٽي جي آفيس جو افتتاح ڪيو، نوان جتوئي پهچڻ تي ساهتي سرواڻ جو شاندار استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي فقير روشن علي کوسو پاران ڊويزنل صدر جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏنو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي محترم ضياء الحسن لنجار چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها پارٽي آهي جتي عوامي مسئلا وڌ کان وڌ حل ڪيا وڃن ٿا،  جي عوام سان ڪيل هر واعدو وفا ٿيندو، اڳ به ترقياتي ڪم، بنيادي سهولتون ۽ نوڪريون ڏنيون آهن انشاالله عوام جي خدمت جذبو جاري آهي ۽ جاري رهندي ان موقعي تي پ پ پ ضلعي نوشهروفيروز جو صدر فيروز احمد جمالي، ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو،رئيس عزيز احمد بھڻ زبير احمد ڪوريجو علي گل خاصخيلي ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو ۽ نياز جيسر  پارٽي جا ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ وڏي تعداد ۾ موجود هئا.