نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي ۾ بدامني ۽ ڦر جي وڌندڙ وارداتن خلاف وٽرنري ڊاڪٽرن، ايس ٽي پي ، جسقم، جسقم آريسر ، سنڌي ادبي سنگت، آزاد سوشل فورم، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن سڌير ميرالي، حميد پنهور، ملوڪ کوسو، عمران کوسو، دائود عمراڻي ۽ ٻين چيو ته علائقي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، شهري غير محفوظ بڻجي ويا آهن، جڏهن ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري بدامني ختم ڪرائي وڃي.