نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي ۽ ڀرپاسي رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو، کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، منافعي خورن پاران من پسند اگهه مقرر ڪيا ويا. کنڊ 110 رپيا في ڪلو، دال مصور 160 في ڪلو ،دال منگ 260 في ڪلو ،اٽو في ڪلو 70 رپيا، فروٽ ۾ هنداڻو 70 رپيا، گدرو 60 رپيا، صوف 200 رپيا، چڪو 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا. ڀاڄين ۾ ڀينڊيون 70 کان 80 رپيا، گوار 200 کان 220 رپيا، ول ٿوري 70 کان 80 رپيا، ميها 70 کان 80 رپيا، ڪريلا 100 رپيا، ا في ڪلو وڪري ٿيڻ لڳي، غريب طبقو مهانگائي سبب ڏکيائين ۾ مبتلا ٿي ويو. هنن وس وارن کان معاملي جو نوٽيس وٺي منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.