نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي ۽ ڀرپاسي ساونڻي جي برسات بعد سوين ايڪڙن تي بيٺل کجين جو فصل  مڪمل تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن، آبادگارن ٻڌايو ته هلندڙ برساتن جتي فصلن کي نقصان رسايو آهي اتي کجين جا فصل پڻ تباهه ٿي ويا آهن، هنن چيو ته برساتن سبب کجين ۾ ڪجهه به ناهي بچيو، سمورو فصل تباهه ٿي ويو آهي، هنن چيو ته برسات سبب معاشي حالت تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي، آبادگارن مطالبو ڪيو ته علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏئي متاثرن جي سهائتا ڪئي وڃي،