نوان جتوئي (ن پ ا) گورنمينٽ هائير سيڪنڊري  اسڪول ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ جي آمد جي سلسلي ۾  جشن عيد ميلاد النبي ملھايو ويو، جنھن ۾ اسڪول جي شاگردن   حمد ۽ نعت پيش ڪيا، جڏهن ته استادن سيرت طيبه تي روشني وڌي، ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن ۾ تلاوت، تقرير، نعتن جا مقابلا پڻ ٿيا، جنهن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي ٽرافيون ڏنيون ويون.