اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام کي هر فورم تي روڪڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ڪالهه ن ليگ جي صدر، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي صدارت ۾ مسلم ليگ (ن) جو پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان مشاورتي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ن ليگ پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام کي پارليامينٽ سميت هر فورم تي مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، منظوري روڪڻ لاءِ مخالف ڌر جي گڏيل ڪاميٽي به قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪا ڪاميٽي ان حڪومت پاران تيار ڪيل بل جو قانوني ۽ مختلف رخن جو جائزو وٺي حڪمت عملي تيار ڪندي ۽ هر قانوني آپشن به استعمال ڪيو ويندو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ميڊيا جي سمورين تنظيمن ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي رد ڪيو آهي، پي ڊي ايم به ان کي ڪارو قانون قرار ڏنو آهي، هن چيو ته حڪومت جو مقصد ميڊيا کي پنهنجي فرمان جي تابع ڪرڻ آهي، اهو ڪارو قانون منظور ٿيو ته ملڪ مان اظهار راءِ جي آزادي جو وجود مٽجي ويندو، آئين ۾ ڏنل اظهار راءِ جي آزادي کي سلب ڪرڻ جو رستو هر قيمت تي روڪڻو پوندو، هوڏانهن اسلام آباد ۾ عدالت ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته حڪومت اپوزيشن ۽ ميڊيا کي تنگ ڪرڻ ۽ انهن جي زبان بند ڪرڻ لاءِ پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري رهي آهي.





























