لاهور/اسلام آباد: مريم نواز نجي ٽي وي چينل  اي آر واءِ تي سنگين الزام هڻندي سندس مائيڪ پريس ڪانفرنس مان هٽائي ڇڏيو جڏهن ته نواز ليگ اي آر واءِ نيوز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس جي شروع ۾ مريم نواز نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ نيوز جو مائيڪ هٽرائي ڇڏيو. اي آر واءِ  جي رپورٽر جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اي آر واءِ وارن عمران سرڪار کان فائدا ورتا ۽ ٽيڪس معاف ڪرايا نجي ٽي وي چينل ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، هن چينل کي منهنجي سامهون ويهاريو، آئون هن جي اصليت ڄاڻان ٿي. بعد ۾ مسلم ليگ نواز جي ٽوئيٽر هينڊل تان ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو ته نواز ليگ اي آر واءِ نيوز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿي، اسان جو ڪو به اڳواڻ اي آر واءِ جي ڪنهن پروگرام ۾ نه ويندو.