لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين  ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن کان ڊنل نواز ليگ سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، ڳالهين لاءِ تيار آهيان پر قانون ۽ آئين کان هٽي ڪابه ڳالهه نه ٿيندي. صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڳالهين لاءِ تيار آهيان پر قانون ۽ آئين کان هٽي ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، پاڪستاني فوج منهنجي فوج آهي ۽ پاڪستان اسان سڀني جو آهي، عدليه جي آزادي ۽ آئين تي سوديبازي نه ٿيندي، آزاداڻي اليڪشن ئي سمورن مسئلن جو حل آهي. عمران خان چيو ته جمهوريت لاءِ تحريڪ انصاف آخري حد تائين ويندي، وڪيلن جي تحريڪ ۾ پوري قوم ساڻن گڏ آهي، مضبوط پاڪستان لاءِ مضبوط فوج انتهائي ضروري آهي، قومي ادارن ۽ انهن جي مضبوطي اسانجي اولين ترجيح آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسانجي هزارين ساٿين کي گهرن مان کنڀيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جا هزارين ڪارڪنن ڪٿي آهن؟ ڪنهن کي خبر نه آهي، چاهيان ٿو ته ضرورت پوڻ تي قوم آئين، جمهوريت، قانون جي حڪمراني جي دفاع لاءِ روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار رهي، اسان انهن سمورين پارٽين سان ڳالهائينداسين، جيڪي هن سازش خلاف اٿڻ لاءِ تيار آهن، وڪيل برادري کي خاص اپيل آهي ته آئين پاڪستان ۽ قانون جي حڪمراني جي تحفظ لاءِ اڳتي اچي،  وڪيل برادري 2007ع جي وڪيل تحريڪ دوران به اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪيو هو.