نواز ليگ طرفان اسپيڪر پرويز الاهي خلاف ٻيهر بي اعتمادي رِٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو

0
174
نواز ليگ طرفان اسپيڪر

ڪراچي: نواز ليگ طرفان اسپيڪر پرويز الاهي خلاف ٻيهر بي اعتمادي رِٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو، اڄ ئي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ رِٿ جمع ٿيڻ جا امڪان، نواز ليگ اڳواڻ عطاء تارڙ چيو آهي ته پرويز الاهي گجرات مان غنڊا گهرائي پنجاب اسيمبلي تي قبضو ڪري ورتو آهي

اسيمبلي ۾ غنڊن جي اچڻ جون تصويرون به موجود آهن، اسيمبلي جا در رڳو نواز ليگ ۽ اتحادين لاءِ بند ڪيا ويا، اسيمبلي جا در بند ڪرڻ غيرآئيني عمل آهي، اسپيڪر جي غيرآئيني قدمن کي عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ لاءِ رات جو 12 وڳي عدالت لڳائي وئي، ڪاش اسان لاءِ به رات جو عدالت لڳائي وڃي ها، مريم نواز جي گرفتاري جو طريقو نامناسب هو

اسان لاءِ ته ڏينهن جو 12 وڳي به عدالتون نه کوليون ويون، مون تي به ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، اُن باوجود 6 مهينا جيل ڪاٽڻ بعد ضمانت ملي

ھي به پڙھندا

لاھور: پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 6 جون تائين ملتوي ڪيو ويو