اسلام آباد: اتحادي پارٽين جي سربراهي اجلاس کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف صبح سوير آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري جي مامري تي ن ليگ سان تعلق رکندڙ سينيئر اڳواڻن ۽ وزيرن سان مشاورت ڪئي، وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ بچاءِ جو وزير خواجه آصف، ناڻي وزير اسحاق ڊار، قانون جو وزير اياز صادق، وزيراعظم جو خصوصي معاون ملڪ احمد خان اجلاس ۾ شامل هئا، ذريعن مطابق مشاورتي اجلاس ۾ آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي لاءِ موڪليل نالن جي پروفائيلن جو جائزو ورتو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري جي سمري وزيراعظم آفيس مان ايوان صدر موڪلڻ کان اڳ اتحادي پارٽين جي سربراهن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان ڪابينا جو اجلاس به طلب ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مشاورتي اجلاس بعد وزيراعظم هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بچاءَ جي وزير خواجه آصف چيو ته سمري تي قانوني پراسيس جاري آهي، هڪ ٻه ڏينهن لڳي سگهن ٿا، مقرري سينيئر موسٽ جي ٿيڻ يا ميرٽ تي ٿيڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بچاءِ جي وزير خواجه آصف چيو ته ان جي مون کي خبر ناهي، سڀاڻي (اڄ) تائين نالا فائنل ٿي ويندا، اتحادين ۽ ڪابينا کي به فيصلي تي اعتماد ۾ ورتو ويندو، خواجه آصف وڌيڪ چيو ته صدر هجي يا وزيراعظم، قومي مفاد ۾ آئين تحت فيصلا ٿيڻ گهرجن، پهريان هڪ سمري اچڻ وارين خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي. وزيراعظم جي ترڪي روانگي کان اڳ آرمي چيف مقرري ٿيندي، قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو ڪابينا ۾ به ان تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، گذريل ڪجهه مهينن کان پريشاني واري ڪيفيت آهي اها به هڪ ٻن ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي. هوڏانهن نجي ٽي چينل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اميد آهي ته سڀاڻي (اڄ) سمري صدر کي هلي ويندي، سمورا مرحلا مڪمل ٿي ويندا، عمران معاملي کي سياسي طور استعمال ڪيو.

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جي فيصلي ۾ آصف زرداري جي راءِ ترجيح ۾ پهرين نمبر تي هوندي، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي سمري سڀاڻي (اڄ) صدر کي موڪلي ويندي، هن چيو ته آصف زرداري سٺي تجويز ڏني آهي. خواجه آصف چيو ته صدر پاران سمري روڪڻ تي هڪ غيريقيني جي صورتحال پيدا ٿيندي، حڪومت کي به ڌچڪو لڳندو، عمران وٽ اداري سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو هڪ موقعو به آهي.